Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
عام

سافڪو اسلامي مالياتي خدمتن تي لڳاتار ٻئي سال عالمي ايوارڊ ماڻي ورتو

شيئر ڪريو
سافڪو اسلامي مالياتي خدمتن تي لڳاتار ٻئي سال عالمي ايوارڊ ماڻي ورتو

ڪراچي: سافڪو مائڪرو فنانس ڪمپنيءَ کي پاڪستان ۾ جامع اسلامي مائڪرو فنانس جي شعبي ۾ مالي سهولتن جي فراهمي ۽ خدمتن جي اعتراف طور 12هين اسلامڪ ريٽيل بئنڪنگ ايوارڊز 2026ع سان نوازيو ويو آهي. 18 نومبر تي ڪراچيءَ جي پرل ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ منعقد ٿيل عالمي تقريب دوران سافڪو کي IRBA Excellence Award for Inclusive Islamic Microfinance in Pakistan 2026  ڏنو ويو، جيڪو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر محمد سليمان جي. ابڙو جي غيرموجودگيءَ ۾ ڪمپنيءَ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه، وصول ڪيو.

سافڪو کي لڳاتار ٻئي سال اسلامڪ ريٽيل بئنڪنگ ايوارڊز ۾ عالمي مڃتا ملي آهي. گذريل سال 11هين اسلامڪ ريٽيل بئنڪنگ ايوارڊز 2025ع ۾ ڪمپنيءَ جي ’يقين اسلامڪ فنانس‘ جي خدمتن کي مڃتا ڏيندي ايوارڊ ڏنو ويو هو. اهو اعزاز اخلاقي ۽ شرعي اصولن موجب مالي خدمتون فراهم ڪرڻ ۽ گهٽ آمدني وارن توڙي مالي سهولتن کان محروم طبقن لاءِ مالي خدمتن تائين پهچ وڌائڻ جي ڪوششن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو هو، جڏهن ته هن سال جو ايوارڊ خاص طور پاڪستان ۾ جامع اسلامي مائڪرو فنانس جي شعبي ۾ سافڪو جي خدمتن جي مڃتا آهي.

تقريب ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪن جي اسلامي بئنڪن، مالياتي ادارن، ماهرن ۽ عالمي شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب جو افتتاحي خطاب اسلامڪ ريٽيل بئنڪنگ ايوارڊز جي چيئرمين پروفيسر همايون ڊار ڪيو، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ڊپٽي گورنر سليم الله ۽ مالديپ جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر محمد وحيد حسن پڻ خطاب ڪيو. پروفيسر همايون ڊار پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسلامي بئنڪنگ جي واڌاري لاءِ شرعي اصولن جي پاسداري، ادارن جي عزم ۽ عالمي سطح تي اسلامي ماليات بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ضروري آهي. هن پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪنگ جي ترقيءَ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي ڪردار کي ساراهيو.

اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر سليم الله چيو ته پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪنگ گذريل 25 سالن دوران نمايان ترقي ڪئي آهي ۽ هاڻي ملڪ جي بئنڪنگ شعبي ۾ ان جو حصو ڊپازٽس ۾ لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو ۽ اثاثن ۾ 26 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي. هن 2027ع کان پوءِ ملڪ جي مالي نظام کي اسلامي اصولن موجب مرحليوار منتقل ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گڏيل حڪمت عمليءَ بابت پڻ تفصيل ڏنا. هن چيو ته اسلامي ماليات جو مقصد رڳو مالي ڏيتي ليتي نه، پر واپار، زراعت، صنعت ۽ ننڍن توڙي وچولي درجي جي ڪاروبارن کي شرعي اصولن تحت مالي سهولتون فراهم ڪري حقيقي معيشت کي مضبوط ڪرڻ پڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسلامي بئنڪنگ جون خدمتون عام ماڻهن لاءِ سستيون، شفاف ۽ فائديمند هجڻ گهرجن.

مالديپ جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر محمد وحيد حسن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پرچون بئنڪنگ جي شعبي ۾ ڊجيٽل سهولتن جي وڌندڙ استعمال باوجود گراهڪن سان انساني رابطي ۽ اعتماد کي برقرار رکڻ ضروري آهي. سافڪو پاران جاري ڪيل بيان موجب، ڊاڪٽر محمد سليمان جي. ابڙو ايوارڊ ملڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته هي اعزاز سافڪو جي سموري ٽيم جي محنت ۽ اداري جي خدمتن مان فائدو وٺندڙ ماڻهن جي اعتماد جو نتيجو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سافڪو 2027ع دوران پنهنجون سموريون مالي خدمتون مڪمل طور اسلامي شرعي اصولن موجب فراهم ڪرڻ جو هدف حاصل ڪري وٺندو.

تقريب اسلامڪ ريٽيل بئنڪنگ سمٽ 2026ع سان گڏ منعقد ڪئي وئي، جنهن جو موضوع ’سڀني لاءِ ذميوار بئنڪنگ: شرعي اصولن موجب گڏيل مالي شموليت‘ هو. سمٽ ۾ مالي سهولتن تائين عام ماڻهن جي پهچ، ڊجيٽل تبديلي ۽ شرعي اصولن موجب پرچون مالياتي خدمتن جي مستقبل بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تقريب دوران بئنڪ آف پنجاب، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان سميت ٻين ملڪي ۽ عالمي مالياتي ادارن کي پڻ سندن ڪارڪردگيءَ جي اعتراف ۾ ايوارڊ ڏنا ويا.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d8%a7%d9%81%da%aa%d9%88-%d8%a7%d8%b3%d9%84%d8%a7%d9%85%d9%8a-%d9%85%d8%a7%d9%84%d9%8a%d8%a7%d8%aa%d9%8a-%d8%ae%d8%af%d9%85%d8%aa%d9%86-%d8%aa%d9%8a-%d9%84%da%b3%d8%a7%d8%aa%d8%a7%d8%b1-%d9%bb/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون