عام آئيني عدالت پشاور هاءِ ڪورٽ کي ايم پي او جي تحت گرفتارين جا ڪيس ٻڌڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي آئيني عدالت پشاور هاءِ ڪورٽ کي ايم پي او جي تحت گرفتارين جا ڪيسز ٻڌڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ايم پي ا و جي تحت گرفتاريون روڪڻ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي جي دوران ڌرين جي وڪيل شاهه فيصل چيو ته عدالت حڪم امتناع جاري ڪرڻ کان اڳ اسان کي ٻڌي وٺي، صوبائي حڪومت جا ٽئي اعتراض برقرار نٿا رکي سگهجن.
انهي موقعي تي جسٽس امين الدين چيو ته اوهان اسان جو حڪم پڙهي پنهنجا اعتراض داخل ڪريو،، انهي معاملي ۾ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون، ڌريون عدالتي حڪم ڏسي پنهنجون درخواستون داخل ڪري سگهن ٿيون.
جنهن کان پوءِ آئيني عدالت پشاور هاءِ ڪورٽ کي ايم پي او جي تحت گرفتارين جا ڪيسز ٻڌڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ هاءِ ڪورٽ جي مختلف بينچز جي چيلينج ڪيل حڪمن کي به معطل ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪمن ۾ ٿري ايم پي او جي تحت گرفتارين کان روڪيو هو پر انهي عبوري حڪم خلاف خيبرپختونخواهه حڪومت وفاقي آئيني عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a2%d8%a6%d9%8a%d9%86%d9%8a-%d8%b9%d8%af%d8%a7%d9%84%d8%aa-%d9%be%d8%b4%d8%a7%d9%88%d8%b1-%d9%87%d8%a7%d8%a1%d9%90-%da%aa%d9%88%d8%b1%d9%bd-%da%a9%d9%8a-%d8%a7%d9%8a%d9%85-%d9%be%d9%8a-%d8%a7%d9%88/






