ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر تي ٻيهر فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

اسلام آباد:احتساب عدالت ۾ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر تي ٻيهر فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي جج اعظم خان موڪل تي هجڻ ڪري بنا ڪنهن ڪارروائي جي 29 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جوابدار عبدالغني مجيد ۽ ٻين کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جج جي موڪل سبب جوابدار عبدالغني مجيد ۽ ٻين کي حاضري لڳائي واپس اماڻيو ويو، هڪ جوابدار زين ملڪ جي پلي بارگين جي رپورٽ به ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪئي ويندي.