پي ٽي اي طرفان نوٽيس ڏيڻ جي معاملي تي ٽڪ ٽاڪ جو موقف سامهون اچي ويو


اسلام آباد : پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) طرفان ٽڪ ٽاڪ کي نوٽيس ڏيڻ جي معاملي تي ٽڪ ٽاڪ جو موقف سامهون اچي ويو. پنهنجي موقف ۾ ٽڪ ٽاڪ ترجمان چيو ته اسان جي پهرين ترجيح قانون جي پاسداري سان گڏوگڏ محفوظ ماحول پيدا ڪرڻ آهي. ترجمان موجب غير مناسب مواد جي سڃاڻپ ۽ نظرثاني لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ حڪمت عملي استعمال ڪئي ويندي آهي، معاشرتي قدرن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اڪائونٽن تي پابندي لڳائي ويندي آهي، واهپيدارن کي ڪنٽرولز، تجزياتي سهولتون ۽ رازداري جا اختيار ڏنا ويندا آهن. ٽڪ ٽاڪ ترجمان چيو آهي ته 98 سيڪڙو غير مناسب ويڊيوز کي وقت سر سڃاڻپ ۽ دانهن تي اڳ ئي هٽايو ويندو آهي، 2019 ۾ 37 لک کان وڌيڪ غير مناسب ويڊيوز کي روڪيو ويو. هن چيو ته لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهيون به وڌائي رهيا آهيون