سنڌ ڪابينا نئين سيڪيورٽي فيچرز نمبر پليٽس آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي : سنڌ ڪابينا نئين سيڪيورٽي فيچرز نمبر پليٽس آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نومبر تائين متعارف ڪرائڻ جو فيصلو، اجلاس ۾ وڏي وزير جو چوڻ هو ته نمبر پليٽس جو اگهه گهٽ هجڻ گهرجي ته جيئن ڪسٽم تي گهڻو بار نه پوي، جڏهن ته سنڌ ڪابينا ايجوڪيشن سٽي ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي، چيئرپرسن بورڊ آف انويسٽمينٽ ختم ڪيو ويو آهي، ترميمي ايڪٽ موجب ايجوڪيشن سٽي جي ايگزيڪيوٽو منئيجمينٽ ڪائونسل جو چيئرمين چيف سيڪريٽري هوندو.