اسٽريٽجڪ ڳالهيون، چين جو پرڏيهي وزير اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد: پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جاري ڪيل بيان م بڌايو آهي ته چين جو پرڏيهي وزير وانگ يي خميس ڏينهن پاڪستان پهتو جتي هو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٿيندڙ ڇهين اسٽريٽيجڪ ڊائلاگ ۾ شرڪت ڪندو. پاڪستان ۽ چين جو ڊگهي عرصي کان اسٽريٽيجڪ ڀائيواري وارو تعلق رهيو آهي، جنهن ۾ واپار، توانائي، دفاع ۽ انفراسٽرڪچر جا شعبا شامل آهن. مئي 2024ع ۾ اسٽريٽيجڪ ڊائلاگ جو پنجون دور بيجنگ ۾ ٿيو هو، جنهن جي گڏيل صدارت پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ سندس چيني هم منصب وانگ يي ڪئي هئي. پرڏيهي کاتي موجب، وانگ يي کي اسلام آباد پهچڻ تي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ڀليڪار ڪيو.
“هو اهم ملاقاتون ڪندو، جن ۾ پاڪستان ۽ چين جو ڇهون اسٽريٽيجڪ ڊائلاگ پڻ شامل آهي”.
ٽه طرفيون ڳالهيون
گذريل ڏينهن ڪابل ۾ پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن ــ اسحاق ڊار، وانگ يي ۽ امير خان متقي ــ جي وچ ۾ ڇهين ٽه طرفو ڊائلاگ ٿيو، جتي سياسي، معاشي ۽ سلامتي تعاون تي ڳالهيون ٿيون. پرڏيهي کاتي موجب: “ٽنهي ڌرين دهشتگردي خلاف گڏيل ڪوششن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، ۽ واپار، ٽرانزٽ، علائقائي ترقي، صحت، تعليم، ثقافت، منشيات خلاف ڪاررواين ۽ سي پيڪ (CPEC) کي افغانستان تائين وڌائڻ تي به پنهنجي عزم کي ورجايو.”
سي پيڪ جو ٻيو مرحلو
گذريل مهيني پاڪستان ۽ چين گڏيل ٽريننگ پروگرامن شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، جن ۾ تعميراتي انجنيئرنگ، مصنوعي ذهانت (AI)، زراعت ۽ هاسپيٽيلٽي مينيجمينٽ جا شعبا شامل آهن۔ اهي پروگرام سي پيڪ-II جي ٻئي مرحلي هيٺ شروع ڪيا ويندا۔
وزيراعظم جو چين جو دورو
وزيراعظم شهباز شريف هن مهيني جي آخر ۾ بيجنگ جو دورو ڪندو جتي هو شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (SCO) سربراهه اجلاس ۾ 31 آگسٽ کان 1 سيپٽمبر تائين شرڪت ڪندو۔ ان موقعي تي سندس ملاقات چيني صدر شي جن پنگ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان به متوقع آهي. مبصرن جو خيال آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي به ان موقعي تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ سندن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات جو به امڪان آهي. ياد رهي ته هن هفتي حڪومت اعلان ڪيو هو ته وزيراعظم جو ايندڙ دورو سي پيڪ-II جي باقاعده شروعات جو نشان هوندو، جنهن ۾ خاص ڌيان صنعتي تعاون تي هوندو۔ تقريبن پنجن سالن جي دير کانپوءِ اهو مرحلو شروع ڪيو ويندو۔

Strategic talks