نيپرا بجليءَ جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: امتياز شيخ

اسلام آباد : سنڌ جي عوام کي 18 کان 20 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جو عذاب ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، نيپرا ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جي معاملي تي ٻڌڻيءَ دوران سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ جي به شرڪت ڪئي، امتياز شيخ بجليءَ چوري ۾ حيسڪو ۽ سيپڪو عملدارن کي ملوث قرار ڏيندي چيو آهي ته نيپرا بجليءَ جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، حيسڪو ۽ سيپڪو خلاف عوامي مفادن ۾ کنيل سمورن قدمن تي سنڌ حڪومت ڀرپور سهڪار ڪندي، ٻنهي ادارن جا عملدار ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لاءِ به ڀتو وٺندا آهن، نيپرا اِن معاملي جو نوٽيس وٺي.