گڏيل ڪوششن سان ڪرونا تي ضابطو آيو آهي: اسد عمر

ڪراچي : نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن جواجلاس چيئرمين اسد عمر جي سربراهي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو ، وڏي وزير مراد علي شاهه ٽيم سميت شرڪت ڪئي، اسد عمر چيو آهي ته گڏيل ڪوششن سان ڪرونا تي ضابطو آيو آهي،ڪرونا تي ضابطو آڻڻ ۾ صوبن جو به اهم ڪردار آهي، مراد علي شاهه چيو ته اين سي او سي جو ڪم ڪافي بهتر رهيو، سنڌ ۾ ٽيسٽون 12000 جي ڪيپيسٽي ۾ ٿين پيون پر هاڻ ٽيسٽن جو انگ گهٽجي ويو آهي،هاٽ اسپاٽس ايرياز ۾ سليڪٽو لاڪ ڊائون ڪريون پيا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن جو اجلاس چيئرمين اسد عمر جي سربراهي ۾ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل ڪو آرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان، وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه، وڏي وزير مراد علي شاهه، صحت واري وزير عذرا پيچوهو ۽ ٻي ٽيم سميت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ ٻين صوبن جي نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عيدالاضحيٰ تي ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ قرباني جي جانورن جي مال پڙين جي مئنيجمينٽ بابت بريفنگ ڏني وئي. اسد عمر چيو ته گڏيل ڪوششن سان ڪرونا تي ضابطو آيو آهي،ڪرونا تي ضابطو آڻڻ ۾ صوبن جو به اهم ڪردار آهي، وفاقي حڪومت صوبن سان مشاورت ڪري رهي آهي. مراد علي شاهه چيو ته اين سي او سي جو ڪم ڪافي بهتر رهيو، سنڌ ۾ ٽيسٽون 12000 جي ڪيپيسٽي ۾ ٿين پيون پر هاڻ ٽيسٽن جو انگ گهٽجي ويو آهي،هاٽ اسپاٽس ايرياز ۾ سليڪٽو لاڪ ڊائون ڪريون پيا، قرباني جا جانور رڳو مقرر ڪيل جڳهن تي ئي وڪرو ٿي سگهندا. اجلاس بعد وفاقي وزير اسد عمر عباسي شهيد اسپتال جو دورو به ڪيو…