ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سينٽرل جيلن تي رينجرز جو آپريشن،پابندي مڙهيل سامان هٿ

ڪراچي :سنڌ ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ رينجرز پاران آپريشن ڪيا ويا، رينجر ترجمان چيو آهي ته آپريشن ۾ رينجرز جي مختلف ونگز حصو ورتو، ٽنهي جيلز ۾ قيدين جي بيرڪس ۽ سيلز جي جهڙتي ورتي وئي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ به آپريشن ۾ شامل هو، رينجرز ترجمان چيو آهي ته سينٽرل جيلز ۾ آپريشن دوران ٽيلي ويزن، فرج، ايئر ڪولر، قينچي، لائٽرز، گهڙيون ۽ ٻيو اهڙو سامان هٿ ڪيو ويو، جِن کي جيلز ۾ رکڻ تي پابندي لڳل آهي.