پاڪستان پاران ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي ٽيون ڀيرو قونصلر پهچ ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد: پاڪستان ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي  ٽيون ڀيرو قونصلر پهچ ڏيڻ جو فيصلوڪيو آهي ، رسمي طور تي ڀارتي عملدارن کي ان جي ڄاڻ ڏني وئي

گذريل ڏينهن پاڪستان نئين دهلي جي درخواست تي ڀارتي جاسوس کي ٻيو ڀيرو قونصلر پهچ ڏني هئي ، ان دوران ڀارتي هاءِ ڪميشن جا ٻه قونصلرڪلڀوشن سان مليا هئا

ان کان اڳ ۾ به ويانا ڪنوينشن 1963 هيٺ ڪلڀوشن کي 2 سيپٽمبر2019 تي قونصلر پهچ ڏني وئي هئي

ان موقعي تي ڪلڀوشن ياديو جي امڙ، ان جي گهرواري سان 25 ڊسمبر تي ان جي ملاقات ڪرائي وئي هئي