سنڌ پوليس جا وڌيڪ 155 اهلڪار ۽ آفيسر ڪورونا وائرس جو شڪار

ڪراچي: سنڌ پوليس جا وڌيڪ 155 اهلڪار ۽ آفيسر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن، سنڌ پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 2515 پوليس آفيسر ۽ جوان ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيا ۽ ڪورونا وائرس جي صورتحال دوران ڊيوٽي ڪندڙ 16 پوليس اهلڪار وبا جو شڪار ٿي فوت ٿي ويا، ترجمان موجب فوتي اهلڪارن مان 14 ڪراچي ۽ ٻن جو تعلق حيدرآباد رينج سان آهي، هن وقت 1593 پوليس اهلڪار ۽ آفيسر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ بعد علاج هيٺ آهن ۽ 906 اهلڪار صحتياب ٿي چڪا آهن