بن قاسم پلانٽ ۾ خرابي، لوڊشيڊنگ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جو نئون بهانو

ڪراچي:  ڪي اليڪٽرڪ کي شهر ۾ لوڊشيڊنگ جو هڪ ٻيو بهانو ملي ويو جنهن ۾ هن بن قاسم پاور پلانٽ ۾ ٽيڪنيڪي خرابي کي جواز بنائي 130 ميگاواٽ بجلي جي کوٽ جي اطلاع ڏئي ڇڏي آهي. 

ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب بن قاسم پاور پلانٽ جي هڪ يونٽ تي ٽيڪنيڪل فالٽ سبب ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي پيداواري صلاحيت ۾ 130 ميگاواٽ کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جنهن سبب گهٽ نقصانن وارن علائقن ۾ عارضي لوڊ شيڊنگ ڪئي ويندي.

ترجمان ٻڌايو ته رهائشي صافين کي رليف ڏيڻ جي لاءِ اڌ صنعتي زونن ۾ لوڊمينجيمنٽ ڪئي ويندي. ترجمان موجب لوڊ مينجمينٽ جي اڳواٽ اطلاع ڏئي چڪا آهيون ۽ لوڊ مينجمينٽ  وارو شيڊول ڪي اليڪٽرڪ جي ويب سائٽ تي موجود آهي.

ترجمان ٻڌايو ته فرنس آئل جي فراهمي جي لاءِ توانائي واري وزارت سان رابطي ۾ آهيون. فالٽ جي درستگي تي عارضي لوڊ مينجمينٽ کي ختم ڪيو ويندو