ڪي پي،سيلابي ريلن سبب تباهيون،4 ضلعا آفت سٽيل قرار،110 کان وڌيڪ فوت

پشاور : خيبر پختونخواه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف ضلعن ۾ ڪڪر ڦاٽڻ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ وڏي تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۾ هن مهل تائين 110 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، ريسڪيو اختيارين موجب گذريل رات خيبر پختونخواه جي باجوڙ ضلعي جي سالارزئي تحصيل جي جبڙائي علائقي ۾ آيل تيز ٻوڏ ۾ ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا، ڳنڍيل روڊ ۽ پل وهي ويا. اختيارين موجب مختلف حادثن ۾ هاڻي تائين 21 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته 7 ماڻهو گم آهن ۽ ڳولا جاري آهي،ٽن زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ کان پوءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف گذريل رات مانسهره ضلعي جي بٽگرام علائقي ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سان ڪيترائي ماڻهو ٻڏي ويا. بٽگرام ۾ 7 ماڻهو فوت ٿيا ۽ شانگلا ۾ هڪ شخص فوت ٿيو.پوليس موجب علائقي ۾ ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا ۽ وڏي تعداد ۾ مال به ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي. صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) خيبرپختونخواهه صوبي ۾ ڪڪر ڦاٽڻ، برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جا تفصيل پڻ جاري ڪيا آهن. پي ڊي ايم اي موجب ڪڪر ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ سبب تمام گهڻو جاني نقصان ٿيو،خيبرپختونخواهه ۾ فوتين جو انگ 110 کان وڌي ويو آهي، سڀ کان وڌيڪ نقصان بونير ضلعي ۾ ٿيو.اٿارٽي جو چوڻ آهي ته بونير ۾ 12 کان وڌيڪ ڳوٺ ڪڪر ڦاٽڻ سان سخت متاثر ٿيا، مينهن، ڪڪر ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ سبب 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا.پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته بونير، باجوڙ، مانسهره ۽ بٽگرام کي آفت زده ضلعا قرار ڏنو ويو آهي، متاثر ضلعن ۾ امدادي ٽيمن جو تعداد وڌيڪ وڌايو ويو آهي، جڏهن ته طبي عملي جون موڪلون منسوخ ڪيون ويون آهن.آفيسرن جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، ۽ امدادي سرگرمين ۾ صوبائي حڪومت جو هيلي ڪاپٽر پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي.ٻئي طرف، پير بابا اسپتال بونير جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر امتياز جو چوڻ آهي ته پير بابا ۽ ان جي آس پاس ۾ 43 لاش آندا ويا آهن، جن ۾ 25 عورتون ۽ 18 ٻار شامل آهن. ان دوران، ڊپٽي ڪمشنر بونير تصديق ڪئي آهي ته طوفاني برساتن ۽ پاڻي جي ريلين سبب 75 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جڏهن ته 56 ماڻهن جا لاش اسپتال آندا ويا آهن. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته بونير ۾ ٻوڏ ۾ ٻڏي وڃڻ کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو گم آهن، ۽ ڳولا جاري آهي. ڪڪر ڦاٽڻ سان لڳ ڀڳ 12 ڳوٺ سخت متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ سبب زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، جنهن ڪري بچاءُ ٽيمون متاثر علائقن تائين نه پهچي سگهيون آهن. آزاد ڪشمير ۾ ڪڪر ڦاٽڻ کان پوءِ دريائن ۽ واهن ۾ ٻوڏ اچڻ سبب هڪ ئي خاندان جي 6 ماڻهن سميت 8 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ برسات کان پوءِ مختلف حادثن ۾ 10 ماڻهو فوت ٿي ويا. آزاد ڪشمير حڪومت تيز برساتن سبب تعليمي ادارا ٻن ڏينهن لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن.

4 districts declared disasterflood caused destructionKP