آڊيو ٽيپ سامهون اچڻ کانپوءِ اجمل وزير فارغ،صلاحڪار جون اضافي ذميواريون ڪامران بنگش حوالي

پشاور: آڊيو ٽيپ سامهون اچڻ کانپوءِ ڪي پي ڪي جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار اجمل وزير کي فارغ ڪيو ويو آهي، ا جمل وزير جو چوڻ آهي ته ذاتي سببن تحت هنعهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي، صلاحڪار جي حيثيت ۾ ڪم نٿو ڪري سگهان، جڏهن ته ٻئي پاسي ڪي پي سرڪار پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سڌ سماءَ واري صلاحڪار اجمل وزير کي ٽيپ سامهون اچڻ کانپوءِ سندس عهدي تان هٽايو ويو آهي ۽ سندس جاءِ تي خاص معاون ڪامران بنگش کي سڌ سماءُ جي صلاحڪار جي واڌو چارج ڏني وئي آهي