ڪراچي سميت سنڌ ۾ گرمي ۽ ٻوسٽ باوجود اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار نه گهٽيو

ڪراچي : سنڌ ۾ گرمي ۽ ٻوسٽ باوجود اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار نه گهٽيو، ڪي اليڪٽرڪ کي گئس ۽ فرنيس آئل ملڻ باوجود ڪراچي ۾ 10 کان 12 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، ميرپور خاص، مٽياري، سانگهڙ، نوشهروفيروز ۽ ٻين شهرن ۾ 12 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جاري، حڪومت شهرين کي حيسڪو ۽ سيپڪو انتظاميا جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو، اڻ اعلانيل ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو، شهرين جو چوڻ آهي ته هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي، رشوت عيوض ماڻهن کي ڪنڊا ڏنا پيا وڃن.