ڪراچي: سيوريج جي پاڻي ۾ پوليو وائرس سبب خاص پوليو مهم هلائڻ جو فيصلو

ڪراچي: ڪراچي ۾ وڌندڙ پوليو ڪيس ۽ سيوريج جي پاڻي ۾ پوليو وائرس سبب شهر ۾ خاص پوليو مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي صحت کاتي موجب شهر ۾ 4 ڏينهن واري خاص پوليو مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته خاص پوليو مهم جو فيصلو شهر ۾ سيوريج جي پاڻي جي  نمونن ۾  پوليو وائرس جي موجودگي تي ڪيو ويو. صحت کاتي موجب 4 ڏينهن واري خاص پوليو مهم 20 جولاءِ کان ڪراچي جي 2 ضلعن ۾ هلائي ويندي جنهن ۾ ضلعي وسطي ۽ غربي جي 22 کان وڌيڪ يونين ڪائونسلن کي شامل ڪيو ويندو.

جڏهن ته مهم ۾ پوليو ورڪرز کي ماسڪ، دستانا ۽ حفاظتي لباس به ڏنو ويندو. خاص پوليو مهم جي حتمي منظوري اڄ سي ايم هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس کان پوءِ ڏني ويندي.

ياد رهي ته ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ مارچ کان پوءِ پوليو جي مهم ناهي هلائي وئي جڏهن ته گذريل هفتي لانڍي کان پوليو جو ڪيس  به سامهون اچي چڪو آهي