سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف درخواست فوري ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف درخواست فوري ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، درخواست تي ٻڌڻي لاءِ جسٽس خادم حسين جي سربراهيءَ ۾ 2 رُڪني بئنچ قائم، درخواستگذار چيو آهي ته ڪراچي ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ تائين اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، گرميءَ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهري ٻٽي عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهن، درخواست ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ کان روڪڻ ۽ لاپرواهيءَ ڪرڻ تي نيپرا اختيارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.