احتساب عدالت پاران آصفه ڀٽو زرداري جي توهين عدالت جي اپيل تي ٻڌڻي 24جولاءِ تائين ملتوي

اسلام آباد :اسلام آباد جي احتساب عدالت آصفه ڀٽو زرداري جي توهين عدالت جي اپيل تي ٻڌڻي 24جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، احتساب عدالت ۾ آصفه ڀٽو زرداري جي توهين عدالت جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي، عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي تي جيل اختيارين کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي، درخواست ۾ چيو ويو هو ته عدالتي حڪم باوجود جيل اختيارين آصف زرداري سان ملاقات ڪرڻ نه ڏني هئي، جيڪا توهين عدالت آهي.