عالمي بينڪ پاران پاڪستان لاءِ 47.9 ملين ڊالر گرانٽ منظور

اسلام آباد: عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 47.9 ملين ڊالر جي گرانٽ منظور ڪئي آهي. عالمي بينڪ پاران جاري ڪيل بيان موجب، رقم پنجاب صوبي ۾ تعليم جي شعبي کي بهتر بڻائڻ، پرائمري ڪلاسن ۾ شاگردن جي تعداد وڌائڻ تي خرچ ڪئي ويندي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته گرانٽ اسڪولن ۾ شاگردن جي تعداد وڌائڻ ۾ پڻ مدد ڪندي.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته منصوبي تحت، 4 ملين شاگردن کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ۽ 80,000 نوان شاگرد هن پروگرام تحت اسڪولن ۾ داخل ٿي سگهندا.