جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

اسلام آباد :جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي 24 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي، عدالت فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.