وزيراعظم جو صحت بابت خاص صلاحڪار ظفر مرزا به ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو

اسلام آباد: وزيراعظم جو صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو آهي.

ڊاڪٽر ظفر مرزا پنهنجي ٽوئٽ جي ذريعي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڊاڪٽر ظفر مرزا ٻڌايو ته منهنجو ڪورونا جو ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي ۽ ڊاڪٽرن جي هدايت موجب سمورن احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي پاڻ کي گهر ۾ ئي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

خاص معاون جو چوڻ هو ته مون ۾ ڪورونا وائرس جون گهٽ نشانيون ظاهر ٿيون آهن. ان کان علاوه ڊاڪٽر ظفر مرزا ماڻهن کي دعائن جي اپيل به ڪئي آهي.

واضح رهي ته هينئر تائين ڪيترائي ئي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن جن  مان گهڻا وائرس مان صحتياب ٿيا. جڏهن ته ڪجهه موذي وائرس سبب حياتيون وڃائي ويٺا آهن