ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 93 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 93 مريض حياتيون وڃائي ويٺا،جنهن بعد فوتين جو انگ 4هزار 712 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ڪرونا جا 3 هزار 191نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،جنهن بعد متاثرن جو انگ 2 لک 28 هزار 274 ٿي ويو. سنڌ ۾ 92 هزار 306 ۽ پنجاب ۾ 81 هزار 318 ،ڪي پي ۾ 27 هزار 843 ۽ بلوچستان ۾ 10 هزار 766 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. رپورٽس مطابق اسلام آباد ۾ 13 هزار 409 ۽ گلگت ۾ هڪ هزار 545  ڪرونا کان  متاثر ٿيا آهن. پنجاب ۾ هڪ هزار 871، سنڌ ۾ هڪ هزار 501 ۽ ڪي پي ۾ هڪ هزار 20  شهري حياتيون وڃائي ويٺا. اسلام آباد ۾ 134، بلوچستان ۾ 123 ۽ گلگت ۾ 28 جانيون ضايع ٿي ويون آهن.جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 35 شهري فوت ۽ 1288 متاثر ٿيا آهن. ملڪ اندر  وڌيڪ 4 هزار 936 مريض صحتياب ٿيا آهن،جنهن بعد صحتياب مريضن جو انگ هڪ لک 29 هزار 830 ٿي ويو…..