حقيقتن جي جانچ سپريم ڪورٽ جو ڪم ناهي: چيف جسٽس

ڪراچي : سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري نان نفقہ جي ادائيگي خلاف مختلف درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو. درخواست دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته حقيقتن جي تصديق ڪرڻ سپريم ڪورٽ جو ڪم ناهي، اسان هتي صرف قانون جي خلاف ورزي کي ڏسنداسين.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ نان نفقہ جي ادائيگي بابت شهرين جي مختلف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي.چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي نان نفقہ جي ادائيگي بابت شهرين جي مختلف اپيلن تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته حقيقتن جي تصديق سان لاڳاپيل معاملا سپريم ڪورٽ ۾ نه اچڻ گهرجن، حقيقتن جي تصديق سپريم ڪورٽ جو ڪم ناهي، اسان هتي صرف قانون جي خلاف ورزي کي ڏسنداسين.هن چيو ته نان نفقہ سان لاڳاپيل حقيقتن جي تصديق خانداني عدالتن کي ڪرڻي پوندي، سپريم ڪورٽ حقيقتن جي تصديق ۾ مداخلت نه ڪندي، اسان جو خيال آهي ته هاءِ ڪورٽ کي به حقيقتن جي تصديق ۾ نه وڃڻ گهرجي.درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته درخواستگذار عليحدگي کان وٺي نان نفقو ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته توهان 2022 کان وٺي نان نفقو ادا نه ڪيو آهي، توهان 3 سالن کان پنهنجي ٻارن کي هڪ رپيو به نه ڏنو آهي.جسٽس شفيع صديقي درخواستگذار جي وڪيل کي چيو ته توهان جيڪو ڳالهائي رهيا آهيو ان لاءِ رڪارڊ جو جائزو وٺڻو پوندو، حقيقتن جي ڳولا جو فورم ماتحت عدالت آهي.چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته سپريم ڪورٽ هن مرحلي تي مداخلت نه ڪندي.