جاويد غني ايف بي آر جو نئون چيئرمين مقرر،مقرري جواعلان اڄ ڪيو ويندو

اسلام آباد: ايف بي آرکاتي ۾ وڏي تبديلي آندي وئي آهي ، جاويد غني کي کاتي جو نئون چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نوشين جاويد امجد کي چيئرپرسن جي عهدي تان هٽايو ويو آهي، نوشين جاويد امجد کي اپريل ۾ مقرر ڪيو ويو هو، جاويد غني کي ايف بي آر چيئرمين مقرري جو اعلان اڄ ڪيو ويندو، ذريعن موجب وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي مقرريءَ جي منظوري ڏني آهي.