باک پيرزاده کي "پرومسنگ اينڪر پرسن 2025” جو اعزاز عطا، ڊاڪٽر عمير هارون جي 2022 واري ڪاميابي کان پوءِ هڪ ٻيو سنگ ميل

ڪراچي: وائس آف سنڌ کي فخر آهي ته ان جي باصلاحيت ميزبان ۽ اينڪر پرسن باک پيرزادو کي "پرومسنگ اينڪر پرسن 2025” جو اعزاز سي ايس آر ليڊرشپ ڪانفرنس اينڊ ايوارڊز 2025 ۾ ڏنو ويو۔
هي اعزاز ميڊيا ۾ سندس شاندار خدمتن، اسڪرین تي سندين متاثر ڪن موجودگي ۽ مختلف طبقن جي آواز کي اجاگر ڪرڻ جي عزم جي سڃاڻپ طور ڏنو ويو۔
باک پيرزادو هڪ تخليقي فنڪار، موٽيويشنل اسپيڪر ۽ اڀرندڙ ميڊيا شخصيت آهي، جنهن پنهنجي سچائي ۽ ڪهاڻي ٻڌائڻ جي خوبصورتي سان ناظرين جون دليون کٽي ورتيون آهن۔
ان موقعي تي باک پيرزادي چيو: "هي اعزاز منهنجي ڪم جي سڃاڻپ سان گڏ اهو پيغام به آهي ته جيڪڏهن توهان پنهنجي جذبن سان سچا رهو ته تبديلي ممڪن آهي۔”
هي ڪاميابي ڊاڪٽر عمير هارون جي 2022 واري "ٽي وي پروڊيوسر آف دي ايئر” جي اعزاز کان پوءِ وائس آف سنڌ لاءِ هڪ ٻيو وڏو اعزاز آهي۔
اهي ڪاميابيون وائس آف سنڌ جي ميڊيا جي دنيا ۾ وڌندڙ ساک، جدت ۽ معيار جو ثبوت آهن۔

Bakh#Peerzado#award#voa