دبئي: 26 سالن جي اماراتي نزاد فيشن اسٽوڊنٽ۽ ماڊل مريم محمد “مس يونيورس” مقابلي ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. غير ملڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ٿائيلينڊ ۾ نومبر ۾ ٿيندڙ مس يونيورس مقابلي ۾ دنيا ڀر مان 130 حسينائون شرڪت ڪنديون. بهرحال، اهو پهريون موقعو آهي تاريخ ۾ جو ڪا اماراتي ڇوڪري مس يونيورس مقابلي ۾ متحدہ عرب امارات جي نمائندگي ڪندي.