لنڊن: دنيا جي مشهور ارٽسٽ جوڙي نڪول ڪڊمن ۽ ڪيٿ اربن لڳ ڀڳ 20 سال گڏ رهڻ کان پوءِ ڌار ٿي ويا آهن، بي بي سي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته اي ڪيٽيگري واري هن جوڙي ۾ جدائي جو ڪو سبب سامهون ناهي آيو. هي جوڙو ٻن ٻارن جا والدين آهن جن ۾ سَنڊي روز (17 سال ۽ فيٿ مارگريٽ (14 سال شامل آهن. آسڪر وننگ اداڪارا نڪول ڪڊمن ۽ چار ڀيرا گرامي ايوارڊ حاصل ڪندڙ ڪيٿ اربن،ڪنٽري سنگر جي 2006ع جي جون مهيني ۾ شادي ٿي هئي. TMZ سڀ کان پهرين اها خبر ڏني ۽ ذڪر ڪيو ته ذريعن موجب ٻئي اونهاري کان ڌار رهندا پيا اچن پر ڪڊمن ڌار ٿيڻ نٿي چاهي. ڪڊمن ۽ اربن، جيڪي ٻئي آسٽريليا ۾ وڏا ٿيا، لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن ۾ گڏجي اوچاين ۽ هيٺاهين جو تجربو ڪيو. اوچاين ۾: ٻنهي پنهنجي شعبي ۾ اعليٰ اعزاز کٽيا ۽ نالو ڪمايو. سالن تائين هڪ ٻئي جي حوصلا افزائي ڪندا رهيا ۽ اڪثر ايوارڊ شو ۽ هاليووڊ پريمئرز تي گڏ نظر ايندا رهيا. هيٺاهين ۾: شادي جي ڪجهه مهينن بعد، اربن پاڻ کي منشيات ۽ شراب جي لت لاءِ بحالي مرڪز ۾ داخل ڪرايو. اربن ۽ ڪڊمن ٻنهي چيو ته هن جدوجهد انهن جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. ڪڊمن ۽ اربن جا ويجها دوست گڏجي مداخلت ڪئي، جنهن کي اربن پنهنجي زندگي بدلائڻ وارو لمحو سڏيو. هن 2010 ۾ اوپرا ونفري شو ۾ چيو: “هر شيءِ ڄڻ ته ان لمحي لاءِ ٺهيل هئي، جنهن اسان کي گڏ ڪيو.” هن وڌيڪ چيو هو ته “هاڻي پوئتي ڏسان ٿو ته نڪ مون کي گهڻو ڪجهه سيکاريو، منهنجي زندگي ۾ گهڻو ڪجهه آندو ۽ اکيون کوليون ڪيترن ئي طريقن سان، منهنجي زندگي جو سڀ کان سٺو مقام آهي جتي مان رهيو آهيان.” هنن کي هن سال جون ۾ ٽينيسي جي نيشوِل ۾ فيفا ڪلب ورلڊ ڪپ ميچ ڏسندي گڏ ڏٺو ويو. Baby Girl فلم جي اداڪاره ڪڊمن ان کان اڳ اداڪار ٽام ڪروز سان شادي ڪئي هئي. اهي ڏهه سالن کان وڌيڪ گڏ رهيا ۽ ٻن ٻارن جا والدين به ٿيا. 2001 ۾ انهن جي شادي ختم ٿي وئي هئي.