شوبز انڊسٽري ۾ مرد پنهنجون حدون ڪراس ڪندا رهيا آهن: عائشا عمر

ڪراچي: پاڪستاني اداڪارا ۽ پروڊيوسر عائشه عمر انڪشاف ڪيو آهي ته گهٽ عمر ۾ شوبز انڊسٽري ۾ قدم رکڻ کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو پنهنجون حدون اورانگھڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. تازو ئي اداڪاره ۽ پروڊيوسر عائشه عمر هڪ ڪاميڊي شو ۾ مهمان بڻي جتي هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن جي مشڪلاتن بابت کلي ڳالهايو. اداڪارا ٻڌايو ته گهٽ عمر ۾ شوبز جي دنيا ۾ قدم رکندي کيس ڪيترن ئي چيلينجز کي منهن ڏيڻو پيو ۽ اهو دور تمام گهڻو مشڪل هو. هن ٻڌايو ته گهڻا ماڻهو کيس سنجيدگي سان نه وٺندا هئا ڇو⁠ته هوءَ ننڍي عمر جي هئي ۽ ٻيو ته هوءَ تمام گهڻي کلندڙ ۽ شوخ مزاج ڇوڪري طور نظر ايندي هئي. عائشه عمر جو چوڻ هو ته ڪيترائي مرد حضرات حدون ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ اهڙي وقت ۾ مونکي پاڻ کي مضبوط ڏيکارڻو پوندو هو ته جيئن ڪو به مونکي ڪمزور نه سمجهي۔ انهيءَ ڪري مون هڪ “نان سينس” رويو اختيار ڪيو ته جيئن ماڻهو مونکي سنجيدگي سان وٺن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن هوءَ لاهور کان ڪراچي منتقل ٿي ۽ اڪيلي زندگي گذارڻ لڳي ته اهڙو رويو وڌيڪ ضروري ٿي ويو، ڇو⁠ته اڪثر اڪيلي ڇوڪري کي ڪمزور سمجهيو ويندو آهي، تنهنڪري مونکي وڌيڪ سخت رويو اختيار ڪرڻو پيو. عائشه عمر شو ۾ ڳالهائيندي پنهنجي ڪيريئر ۾ ٿيل ڪجهھ غلطيون به تسليم ڪيون. اداڪارا ٻڌايو ته ماضي ۾ مون ڪجهه اهڙا ايوارڊ شو به ڪيا جن جي مڪمل ادائيگي اڄ تائين نه ٿي سگهي.

Men keep crossing their limits in showbiz industry: Ayesha Omar