ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن سان برسات جو سلسلو جاري، هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع

حيدرآباد: حيدرآباد ڪراچي، تلهار، شهدادڪوٽ سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن سان برسات جو سلسلو جاري آهي، تيز هوائن سان پيل برسات کان پوءِ ڪيترن ئي علائن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي جڏهن ته بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب ڪاروباري توڙي شهري زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي.

حيدرآٻاد ۾ 20 ڪلاڪن کان ھلڪي ھلڪي برسات جو سلسلو ھلندڙ آھي جڏھن ته ھن وقت گجگوڙ سان تيز برسات جو وسڪارو شروع ٿي ويو آھي، برسات جي وسڪاري کان پوء حيدرآباد جي ڪيترن ئي علائقن جي بجلي معطل ٿي وئي آھي ، برسات جي وسڪاري کان پوء روڊن رستن تي پاڻي جمع ٿيڻ شروع ٿي ويو آھي ، ڪيترن ئي علائقن ۾ ھلندڙ ڪاروبار متاثر ٿي ويو ، ٻئي پاسي برسات کان پوء حيدرآباد جو موسم خوشگوار ٿي ويو آھي.

ڪراچي ۾ ڪالهه رات کان پوندڙ تيز ۽ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، برسات پوڻ کان پوءِ روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويو. جڏهن ته بجلي جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي آهي. برسات کان پوءِ شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا.

قمبر شهدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. برسات جي ڪري موسم خوشگوار ٿي ويو، شهرين جي چهري تي خوشي جي لهر پکڙجي وئي. برسات سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

تلھار ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان تيز ھوائن سان زوردار برسات جاري آھي، جنهن سبب شهري زندگي سخت متاثر ٿي وئي آهي شھر جي مختلف روڊن ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ ڪيترن ئي فوٽن تائين پاڻي بيھجي ويو آھي، جنهن ڪري اچ وڃ ۾ شديد مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن علائقي واسين جو چوڻ آهي ته برسات پوڻ سان گھڻا فيڊر ٽرپ ٿي ويا آهن مقامي آبادگارن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏھن برسات جو سلسلو اھڙي طرح جاري رھيو ته بيٺل فصلن کي به سخت نقصان پھچي سگھي ٿو.

ميرپورخاص ۾ به برسات بعد شهر جا ڪيترائي رهائشي علائقا برساتي پاڻي هيٺ، يوسي انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام، گهٽين ۽ رستن تي پاڻي بيهڻ سبب شهرين کي سخت تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو پوي ،علائقي واسين جو احتجاج پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مطالبو. برسات بعد شهر جي لالچند آباد، مصطفيٰ ٽائون، کڏ پلاٽ، فيصل ٽائون، پاڪ ڪالوني، غريب آباد سميت ٻين رهائشي علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهڻ سبب رستا گهٽيون پاڻي ۾ مڪمل ٻڏل هجڻ سبب شهرين کي هلڻ ڦرڻ ۾ سخت تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو پوي.

ان موقعي تي مختلف علائقي واسين چيو ته برسات بعد لاڳاپيل يوسي انتظاميا پاران پاڻي نيڪال نه ڪرڻ سبب علائقي واسي تمام گهڻا پريشان آهيون گهٽين ۽ روڊن تي پاڻي بيهڻ سبب ٻار اسڪول نه وڃي سگهيا آهن علائقي واسي گهرن تائين محدود بڻجي ويا آهن هنن چيو ته بار بار يوسي انتظاميا کي شڪايت ڪرڻ باوجود ڪير به لڙي نه آيو آهي جيڪا سراسر زيادتي آهي هنن واسطيدار اختيارين کان پر زور مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور سندن علائقي ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪري علائقي واسين کي ريليف مهيا ڪيو وڃي.