آمريڪي قونصل خاني ڪراچي ۾ 249هين آزاديءَ جي تقريب جو اهتمام

ڪراچي: آمريڪي قونصل خاني ڪراچيءَ 16 جولاءِ تي آمريڪا جي آزادي جي 249هين سالگره جي خوشي ۾ هڪ پرمسرت ۽ "ڪنٽري ويسٽرن” موضوع واري شاندار تقريب جو اهتمام ڪيو. قونصل جنرل اسڪاٽ اربام، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري، ۽ پاڪستان جي سرڪاري ادارن، نجي شعبي، شهري سماج، ۽ سفارتي برادريءَ جي معززن مهمانن کي ڀليڪار چيو.

هن رنگ برنگي تقريب دوران آمريڪا جي اولهه واري علائقي جي سرحدي جذبي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تقريب ۾ روايتي ڪنٽري ويسٽرن موسيقي، لائين ڊانس، ۽ خاص خوراڪون پيش ڪيون ويون.

تقريب دوران آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي ڀائيواري ۽ سفارتي تعاون کي اجاگر ڪيو ويو. قونصل جنرل اربام ٻنهي ملڪن جي واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ آمريڪي قونصل خاني جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو، "آمريڪا پاڪستان جي ڪاميابيءَ لاءِ واپار، سيڙپڪاري، ۽ جدت جي ذريعي پرعزم آهي. اسان گڏجي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو نئون باب جوڙي سگهون ٿا.”

آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعليم، واپار، ڪاروباري موقعن، سيڪيورٽي ۽ صحت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ڊگهي ڀائيواري ۽ تعاون جي تاريخ آهي. اهي ڪوششون ٻنهي ملڪن جي مضبوط لاڳاپن ۽ گڏيل هدفن جي عڪاسي ڪن ٿيون