اسلام آباد: وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ٻيهر اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وزير طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 5 روپيه 36 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 272 روپيه 15 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 11 روپيه 37 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 284 روپيه 35 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. پيٽروليم شين جون نيون قيمتون گذريل رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويون آهن.
ذريعن موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 روپيه 10 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي جڏهن ته لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 1 روپيو 85 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
پهرين جولاءِ تي پيٽرول جي قيمت ۾ 8 روپيه 36 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو هو، پهرين جولاءِ کان هاءِ اسپيڊ ڊيزل 10 روپيه 39 پئسا مهانگو ڪيو ويو هو.
حڪومت طرفان پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي برقرار رکي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي 74 روپيه 51 پئسا في ليٽر جڏهن ته پيٽرول تي ليوي 75 روپيه 52 پئسا في ليٽر برقرار آهي.