ڪراچي – واشنگٽن ڊي سي: آمريڪي واپار کاتي جي انٽرنيشنل ٽريڊ ايڊمنسٽريشن ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران، پاڪستان جي وزارتِ سامونڊي امور جي سهڪار سان هڪ اهم ويبينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ٦۵ کان وڌيڪ آمريڪي ڪمپنين شرڪت ڪئي. ويبينار جو مقصد ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم تي موجود تجارتي موقعن جي تلاش ۽ ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ هو. هي ويبينار Gateways to Growth: South Asia Port Opportunities سيريز جو حصو هيو، جيڪو آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستاني بندرگاھن جي عملدارن ۽ خانگي آپريٽرن سان سڌي ريت رابطو ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي وارو پليٽفارم مهيا ڪري ٿو.
وزارتِ سامونڊي امور، پورٽ قاسم اٿارٽي، ابو ظهبي پورٽس (جيڪا ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل لميٽيڊ هلائي ٿي)، ۽ دبئي پورٽس ورلڊ (جيڪو قاسم انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمينل هلائي ٿو) جي سينيئر نمائندن پاڪستان جي بندرگاھن جي بنيادي ڍانچي، ضابطن، ۽ واپاري ترجيحن تي روشني وڌي.
ان موقعي تي، آمريڪا جي قونصل جنرل اسڪاٽ اُربام چيو: "آمريڪي سيڙپڪارن پاڪستان جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ اسان کي پڪ آهي ته بندرگاھن سان سلھاڙيل شعبن ۾ به گڏجي وڏي ڪاميابي حاصل ڪنداسين.” هن وڌيڪ چيو، "اسان سمجهون ٿا ته گڏجي ڪم ڪندي، اسان پاڪستان جي بندرگاھن واري شعبي جي صلاحيتن کي مڪمل طور استعمال ۾ آڻي سگهون ٿا، آمريڪي ڪاروبارن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا، ۽ پاڪستان جي معاشي ترقيءَ ۾ حصو وٺي سگهون ٿا.”
بندرگاھن جي شعبي سان سلھاڙيل ڪاروبارن تي مبني هي هائبرڊ ويبيناران ڳالھ جي ثابتي آھي ته ڪھڙي ريت آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان جي بندرگاھن جي ترقيءَ جي منصوبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، واپار جي عمل کي ويتر تيزڪري سگهن ٿيون ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جديد طرزتي مشتمل سپلائي چين جا رابطا قائم ڪري سگهن ٿيون. يو.ايس. انٽرنيشنل ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن جي ڊائريڪٽر آف آءِ سي ٽي اينڊ انفرااسٽرڪچر پاليسي، آين هنڊلي چيو: "هي قدم آمريڪي ڪمپنين کي مقامي فيصلا ساز ادارن ۽ فردن تائين سڌي ريت رسائي ۽ مارڪيٽ جي ڄاڻ ڏيئڻ لاء انتھائي اھم ڪردارادا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، جنهن سان انهن ڪمپنين کي ڏکڻ ايشيا ۾ بندرگاھن جي بنيادي ڍانچي ۽ ان ۾ موجود جديد سھولتن مان فائدو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي.”
جيتوڻيڪ، اڄ اها ڳالھ ٻولھ ڪمپيوٽراسڪرين ذريعي شروع ٿي، پر ان جا اثر ايندڙ ڪيترن سالن تائين واپار ۽ تجارتي ڀائيواري جي رخن کي تبديل ڪرڻ ۾ بيحد مددگار ثابت ٿيندي۔