ڪڏهن نه سوچيو هو ته اطالوي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندگي ڪندس:زين نقوي

لاهور : ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ ڪواليفائي ڪندڙ اٽلي جي اوپننگ بيٽسمين زين نقوي چيو آهي ته هن ڪڏهن به نه سوچيو هو ته هو هڪ ڏينهن اطالوي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندگي ڪندو.هن چيو ته هو ٻارهن يا تيرهن سالن جو هو جڏهن هو پنهنجي خاندان سان گڏ اٽلي هليو ويو. هو ٽيپ بال ڪرڪيٽ سٺي کيڏندو هو، ۽ بعد ۾ هارڊ بال ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪيو.زين نقوي جو چوڻ آهي ته هن 2 سالن تائين اٽلي جي گهريلو ڪرڪيٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ 2021 ۾ کيس اٽلي جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ چونڊيو ويو. جڏهن هو اٽلي آيو ته ڌيان تعليم تي هو، پر ڪرڪيٽ هميشه سندس پسنديده راند رهي.