برطانيه پاڪستاني ايئر لائين تي لڳايل پابنديون ختم ڪري ڇڏيون

اسلام آباد:  برطانيه پاڪستاني ايئر لائنز تي ڊگهي وقت کان لڳايل پابنديون ختم ڪري ڇڏيون آهن. برطانوي هاءِ ڪميشن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ايئر لائنز هاڻ برطانيه جي لاءِ اڏامن جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿيون.

برطانوي هاءِ ڪميشن موجب ايئر لائين کي اڏامن جي لاءِ يو ڪي سي اي اي کان اجازت وٺڻي پوندي. برطانوي هاءِ ڪميشن ٻڌايو آهي ته سيفٽي لسٽ مان نڪرڻ آزاد ۽ ٽيڪنيڪي عمل جي تحت ٿيو.

پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو آهي ته مان پاڪستاني ايئر لائن ۾ سفر جي اوسيئڙي ۾ آهيان، پاڪستان سان فضائي رابطن ۾ بهتري خاندانن جي ميلاپ ۾ مددد ڏيندي.

ياد رهي ته مئي 2020 ۾ ڪراچي ۾ پي آءِ اي جي جهاز کي پيش ايندڙ حادثي کان پوءِ انهي وقت جي هوا بازي واري وزير پارليامينٽ کي ٻڌايو هو ته اسان جي ملڪ جي وڏي تعداد ۾ ڪمرشل پائلٽس وٽ جعلي ڊگريون آهن جنهن کان پوءِ جون 2020 ۾ برطانيه ۽ يورپ جي لاءِ پاڪستاني اڏامن تي پابنديون لڳايون ويون هيون.

حڪومت جي لاڳيتو ڪوششن کان پوءِ گذريل سال نومبر ۾ يورپي يونين پاڪستاني ايئر لائين جي يورپ جي لاءِ اڏامن تي پابندي ختم ڪئي هئي پر هاڻ برطانيه به پاڪستاني ايئر لائنز تي لڳايل پابنديون هٽائي ڇڏيون آهن.