ڪراچي: ايس ايس پي شعيب ميمن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس آءِ يو پوليس طرفان ملير قائد آباد ۾ اهم ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران ملڪ دشمن ايجنسي “را” سان لاڳاپيل 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ڪيل جوابدار ڀارتي ڪرنل رنجيت سان رابطي ۾ هئا.
جڏهن ته گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان 4 عدد ھينڊ گرنيڊ، پسٽل ۽ هڪ گاڏي هٿ آئي آهي، اهي جوابدار ملڪ جي اهم تنصيبات جي جيو ٽئگنگ ڪندا هئا، اهي سڀ سجاول ضلعي جا رهواسي آهن ۽ پيشو ۾ ماھيگير آهن.
انهن جي موبائلن مان ملير جي علائقي ۾ فوجي تنصيبات، سي پيڪ جي منصوبن ۽ سجاول جي ٻين اهم تنصيبات جون لوڪيشنون شيئر ڪيل مليون آهن، انهن جي قبضي مان پاڪ آرمي جو ٽريننگ مينوئل به هٿ آيو آهي.
ايس ايس پي شعيب ميمن وڌيڪ چيوته محمد خان ڀريو نالي جوابدار 2009 کان لوڪيشنون موڪلڻ جو عمل شروع ڪيو هو ۽ تصويرون به موڪليندو هو، ملزم محمد خان ڀريو ويهه ڀيرا ۽ ٻيا جوابدار ڇهه ڀيرا ڀارت وڃي چڪا آهن. اهي جوابدار ڀارتي بي ايس ايف جي ڪرنل رنجيت سان رابطي ۾ هئا.