اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ آمريڪي شهري سنٿيا رچي کي ڊي پورٽ ڪرڻ جي درخواست تي حڪومت ۽ گهرو وزارت کي نوٽيس موڪلي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله آمريڪي شهري سنٿيا رچي کي ڊي پورٽ ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران درخواست ڪندڙ جي وڪيل چيو ته سنٿيا رچي جي ويزا واو مدو ختم ٿي چڪو آهي جنهن تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته توهان کي ڪيئن خبر پئي ته ويزا جو مدو ختم ٿي ويو آهي.
وڪيل چيو ته سنٿيا رچي خود سوشل ميڊيا تي ويزي جو مدو ختم ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي، سنٿيا ايف آءِ اي کي چيو ته هوءَ بزنس ڪري رهي آهي پر هن پيپلزپارٽي جي ليڊرشپ خلاف سوشل ميڊيا تي بيان ڏنا آهن.
عدالت درخواست تي مختصر ٻڌڻي بعد وفاق، گهرو وزارت، ايف آءِ اي ۽ ايس اي سي پي کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 3 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.