ثنا يوسف کي قتل ڪندڙ شخص به ٽڪ ٽاڪر نڪتو، جوابدار گرفتار

اسلام آباد : پوليس ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ ثنا يوسف کي گوليون هڻي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ذريعن موجب، سي سي ٽي وي وڊيو ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار جو اصل نالو عمر حيات عرف ڪاڪا آهي، جوابدار پاڻ به ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ آهي.ٻئي طرف، ماءُ جي شڪايت تي اسلام آباد ۾ ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ ثنا يوسف جي قتل جو ڪيس سنبل پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس جي متن موجب، حملو ڪندڙ سومر تي شام 5 وڳي گهر ۾ داخل ٿيو ۽ ثنا يوسف تي فائرنگ ڪئي. ثنا يوسف جي سيني ۾ 2 گوليون لڳيون، فائرنگ کان پوءِ حملو ڪندڙ فرار ٿي ويو.ڪيس جي متن موجب، ثنا يوسف کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر ثنا يوسف زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي.ماءُ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جوابدار سامهون اچي ته هوءَ ان جي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿي.ياد رهي ته ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ ثنا يوسف جي قتل جو واقعو ڪالهه G13-1 ۾ پيش آيو.