اسلام آباد: بجلي جي اٺ ورهاست ڪندڙ ڪمپنين طرفان اوور بلنگ جي ذريعي صارفين کان 244 ارب روپيه وصول ڪرڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي.
رپورٽ موجب آڊٽ اختيارين 8 ڪمپنين جون مالي بي ضابطگيون بي نقاب ڪري ڇڏيون ۽ انڪشاف ڪيو ته پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ صارفين جي کيسن مان اضافي پئسا ڪڍرائيندڙ ڪنهن به آفيسر کي سزا نه ملي سگهي.
ڪمپنين دعويٰ ڪئي آهي ته صارفين جي رقم واپس ڪئي وئي آهي پر آڊٽ اختيارين کي رڪارڊ ناهي ڏنو ويو. موجود دستاويز موجب آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته بجلي جي 8 ورهاست ڪندڙ ڪمپنيون 244 ارب روپين جي اوور بلنگ ۾ ملوث آهن. اسلام آباد، لاهور، حيدرآباد، ملتان، پشاور، ڪوئٽه، سکر ۽ قبائلي علائقن ۾ اووربلنگ ڪئي وئي رپورٽ موجب زرعي ٽيوب ويلز ۽ فوت ٿي ويل ماڻهو به اوور بلنگ کان بچي نه سگهيا.
ملتان اليڪٽرڪ ڪمپني مئل ماڻهن کي 4 ڪروڙ 96 لک روپين جا بل اماڻيا انهي کان علاوه ٻُڙي يونٽ وارن صارفين تي 12 لک 21 هزار 790 يونٽ وڌا ويا. آڊٽ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپنين لائن لاسز، بجلي چوري ۽ ناقص ڪارڪردگي لڪائڻ لاءِ اوور بلنگ جي صرف 5 ورهاست ڪندڙ ڪمپني صارفين کي 447.81 ارب جي اوور بلنگ ڪئي. هڪ مهيني ۾ 2 لک 78 هزار 649 صارفين کي 47 ارب 81 ڪروڙ جو اضافي بل اماڻيو.
رپورٽ موجب صارفين کان اربين روپيه اضافي ڪڍرائيندڙ ڪنهن آفيسر جي خلاف ڪارروائي نه ڪئي. 24-2023 ۾ صارفين کي 90 ڪروڙ 46 لک بجلي يونٽس جا اضافي بل اماڻيا ويا. رپورٽ ۾ وڌايو ويو آهي ته ڪمپنين صارفين کي اربين روپيه ريفنڊ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پر آڊٽ اختيارين رڪارڊ گهريو جيڪو نه ڏنو ويو. آڊٽ رپورٽ موجب لائن لاسز پورا ڪرڻ جي لاءِ صارفين تي اضافي لوڊ جي مد ۾ 22 ارب جي اوور بلنگ ڪئي وئي.
آڊٽ اختيارين 8 بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين کان وضاحت گهري ورتي آهي. دستاويز ۾ ڪوئٽه ڪمپني زرعي صارفين کان 148 ارب روپين کان وڌيڪ اوور بلنگ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ڪمپني ناقص ڪارڪردگي لڪائڻ لاءِ 24-2023 ۾ زرعي ٽيوب ويلز کان رقم وصول ڪئي آهي. رپورٽ موجب بجلي جي 10 ورهاست ڪندڙ ڪمپنين 1432 فيڊرز کي 18 ارب 64 ڪروڙ جو اضافي بل اماڻيو طلب ڪرڻ جي باوجود ورهاست ڪندڙ ڪمپنين آڊٽ اختيارين کي رڪارڊ نه اماڻيو غلط ريڊنگ جي مد ۾ صارفين کي 5.29 ارب روپين جي اوور بلنگ جي رقم ريفنڊ ڪئي وئي. پشاور ڪمپني صارفين کي 2.18 ارب جي ملٽي ڪريڊٽ ايڊجسٽمنٽ ڏني وئي آهي.