لاهور: يوٽيوبر رجب بٽ جي گهر تي فائرنگ ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار

لاهور : لاهور ۾ مشهور يوٽيوبر رجب بٽ جي گهر تي فائرنگ ڪندڙ ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.چوهانگ پوليس موجب فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي سڃاڻپ ڪاشف چوهان ۽ فرخ جي نالي سان ٿي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن شڪي ماڻهن رجب بٽ جي گهر تي شاني ٽائيگر نالي هڪ شخص جي حڪم تي فائرنگ ڪئي، جنهن جو سوشل ميڊيا تي شهزاد ڀٽي نالي هڪ نوجوان سان سخت بحث ٿيو هو.پوليس موجب، شاني ٽائيگر شهزاد ڀٽي جي حڪم تي فائرنگ ڪندڙن کي موڪليو.پوليس موجب، گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ سي سي ڊي حوالي ڪيو ويو آهي.