فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ ڪاروباري اڳواڻن جي اهم ملاقات، معاشي اصلاحات تي ڳالهيون

راولپنڊي: فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير سان ملڪ جي اهم ڪاروباري شخصيتن ملاقات ڪئي جنهن ۾ انهن کي ملڪي معيشت جي موجوده حالتن ۽ مستقبل جي معاشي چيلنجز تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

ملاقات جي اڳواڻي اڳوڻي نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز ڪئي جڏهن ته انهي ۾ ٻيا اهم ڪاروباري اڳواڻ به شريڪ ٿيا جن ۾ اپٽما جو چيئرمين ڪامران ارشد، ايس ايم تنوير ۽ ايف پي سي سي آءِ ۽ لاهور چيمبر جا صدر شامل هئا.

ملاقات جي دوران گوهر اعجاز فيلڊ مارشل کي ٻڌايو ته ڪاروباري برادري موجوده حڪومت جي معاشي پاليسين جي حمايت ڪري رهي آهي ۽ هو انهي ڳالهه جي خواهشمند آهي ته معيشت جي بهتري لاءِ وڌيڪ ڪاروباري آسانيون فراهم ڪيون وينديون.

هن معيشت ۾ استحڪام جي اهميت  تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت کي معاشي اصلاحات جي عمل ۾ تيز رفتار قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. گوهر اعجاز انهي موقعي تي چيو ته وياج جي شرح کي مهانگائي جي حوالي سان گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪاروباري سرگرميون وڌي سگهن.

هن وفاقي بجيٽ جي حوالي سان ڪاروباري برادري جي خدشن کي ختم ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته حڪومت کي پنهنجن واعدن کي پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن برآمدات تي ٻڌل معيشت کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي. اڳوڻي نگران وزير چيو ته ملڪي ڪپهه جي صنعت ۽ هارين جي ترقي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن ته جيئن زرعي معيشت ۾ به بهتري آڻي سگهجي.

Important meeting between Field Marshal Asim Munir and business leaders