ڪراچي: ڪراچي ۾ زلزلي جي لوڏن دوران ملير جيل مان 200 کان وڌيڪ قيدي فرار ٿي ويا آهن جن مان ڪيترن کي ئي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.
سومر جي رات ڪراچي جي ملير جيل ۾ صورتحال انهي وقت خراب ٿي جڏهن شهر جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ملير جيل انتظاميه جو چوڻ آهي ته سومر جي رات زلزلي جي دوران نقصان کان بچڻ جي لاءِ قيدين کي بيرڪن کان ٻاهر ويهاريو ويو هو، زلزلي سبب هنگامه آرائي شروع ٿي، قيدين پوليس اهلڪارن سان هاٿاپائي ڪئي ۽ هٿيار ڦر ڪري فائرنگ ڪئي، انهي دوران 200 کان وڌيڪ قيدي فرار ٿي ويا.
ڊي آءِ جي جيل ڪراچي محمد حسن سهتو نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته زلزلي جي لوڏن دوران قيدين جو وڏو انگ بيرڪس کان ٻاهر نڪتو، قيدين ماڙي جو گيٽ به ٽوڙيو، قيدين جيل پوليس اهلڪارن تي تشدد پڻ ڪيو. ڊي جي جيل چيو ته هن وقت صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي جيل ۾ قيدين جي ڳڻپ ڪنداسين ته خبر پوندي ته ڪيترا قيدي فرار ٿي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قيدين جيل ۾ پوليس اهلڪارن کان هٿيار ڦر ڪيا، پوليس ۽ قيدين طرفان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ پڻ ڪئي وئي. واقعي ۾ هڪ قيدي مارجي ويو جڏهن ته 3 قيدي، 3 ايف سي اهلڪار ۽ 2 جيل پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا. جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.
شروعاتي رپورٽون اهي سامهون آيون هيون ته زلزلي سبب جيل جي بيرڪس جي ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا هئا ڪجهه قيدي جيل جون ڀتيون ڀڃي فرار ٿي ويا. پوليس موجب فرار ٿيل قيدين مان 50 کان وڌيڪ قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي قيدين کي قذافي ٽائون، شاهه لطيف ۽ ڀينس ڪالوني مان گرفتار ڪيو ويو.
سپرنٽينڊنٽ جيل ارشد شاهه موجب 216 قيدي ملير جيل مان فرار ٿيا، فرار ٿيل 80 قيدين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، 135 کان وڌيڪ قيدي اڃان تائين فرار آهن جن جي ڳولا جاري آهي. هوڏانهن ملير جيل ۾ سرچ آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي پوليس، رينجرز ۽ ايف سي ملير جيل جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو. ذريعن موجب ملير جيل ۾ قيدين جي گنجائش 2400 آهي.
انهي حوالي سان سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ملير جيل جي ڀت ناهي ٽوڙي وئي قيدي گيٽ کان نڪتا آهن، شروعاتي رپوٽون هيون ته جيل جي ڀت ڀڃي قيدي فرار ٿيا، حتمي رپورٽ اچڻ تائين ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو. سنڌ جي گهرو وزير دعويٰ ڪئي ته فرار ٿيل قيدي سنگين ڏوهن ۾ ملوث نه هئا زلزلي سبب قيدي بيرڪن مان ڀڳا جيل جي گيٽ تي 700 کان هڪ هزار قيدي جمع ٿيا جنهن کان پوءِ اهي جيل جو گيٽ ڀڃي قيدي فرار ٿي ويا.
سنڌ جي جيل کاتي واري وزير علي حسن زرداري آءِ جي جيل ۽ ڊي آءِ جي جيل کان رپورٽ طلب ڪندي حڪم ڏنو آهي ته علائقي کي ڪارڊن آف ڪيو وڃي. هن هدايتون ڏنيون ته ڪوبه قيدي فرار ٿيو آهي ته انهي کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو وڃي، واقعي ۾ ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن کي بخش نه ڪيو ويندو.