خيبرپختونخواهه ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۾ 10 ڄڻا فوت

پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ تازين برساتن ۽ طوفان سبب مختلف حادثن ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي گهرن کي پڻ نقصان پهتو آهي.

پي ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه ۾ تازين برساتن ۽ تيز طوفان سبب مختلف حادثن ۾ 10 ڄڻا فوت جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

صوبي ۾ تازين برساتن ۽ تيز طوفان سبب 34 گهرن کي نقصان پهتو، 32 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. جڏهن ته 2 گهر مڪمل طور تي ڊهي پٽ پئجي ويا آهن.

پي ڊي ايم طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته اهي حادثا پشاور، مردان، صوابي، شانگله سميت ٻين مٿانهين ضلعن ۾ پيش آيا آهن.

Rains caused havoc in Khyber Pakhtunkhwa