پاڪستان ڀارت طرفان اماڻيل وڌيڪ 6 اسرائيلي ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: پاڪستاني فورسز ڀارتي جارحيت کي ناڪام بنائيندي وڌيڪ 6 اسرائيلي ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا آهن.

سيڪيورٽي ذريعن موجب ڀارتي طرفان اماڻيل اسرائيلي ڊرونز وهاڙي، پاڪپتن ۽ اوڪاڙه ۾ تباهه ڪيا ويا. ذريعن ٻڌايو آهي ته 6 مهينن ۾ هڪ ڊرون کي وهاڙي، هڪ کي پاڪپتن ۽ 4 ڊرونز کي اوڪاڙه ۾ تباهه ڪيو ويو.

سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو آهي ته ٻن ڏينهن جي دوران هينئر تائين دشمن جي ٽوٽل 35 ڊرونز کي تباهه ڪيو ويو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر انهي حوالي سان ٻڌايو آهي ته سمورا ڊرونز مسلسل ريڊار تي مانيٽر ڪيا پيا وڃن. جڏهن به ڪوبه ڊرون ايندو آهي ته اهو مسلسل ريڊار تي نظر ايندو آهي. اسان جي ايئر ڊفينس سسٽم ۾ ايتري صلاحيت آهي ته ننڍي ڊرون کي به ٽريڪ ڪري وٺندو آهي. شهري علائقن ۽ ڪمرشل فلائٽس جي دوران ڊرون ڪيرائڻ جو آپريشنل طريقيڪار آهي