لاهور : پنجاب حڪومت پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اڳوڻي اداڪارا، ماڊل ۽ ميزبان عفت عمر کي هڪ اهم ذميواري سونپي آهي.پنجاب حڪومت اداڪاره عفت عمر کي پنجاب صوبي جو ثقافتي صلاحڪار مقرر ڪيو آهي.عفت عمر کي سڄي صوبي ۾ ثقافت کي بحال ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو آهي.هڪ خانگي ٽي وي چينل جي رپورٽ موجب پنجاب حڪومت اداڪاره عفت عمر کي ثقافتي صلاحڪار مقرر ڪيو آهي.خانگي نيوز چينل دعويٰ ڪئي آهي ته عفت عمر کي لاهور ۾ الحمرا ڪلچرل ڪمپليڪس ۾ هڪ آفيس پڻ ڏني وئي آهي.