لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ لاءِ اشتهار ڏئي ڇڏيو.
پي سي بي طرفان پنهنجي ويب سائيٽ تي هيڊ ڪوچ جو اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، هيڊ ڪوچ لاءِ ليول ٿري ڪرڪيٽ ڪوچ جي اهليت گهربل آهي، 4 مئي تائين هيڊ ڪوچ لاءِ درخواستون طلب ڪيون ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هيڊ ڪوچ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وٽ محسوس چوائس آهي ۽ پي سي بي جو گهڻو رجحان پرڏيهي ڪوچ ڏانهن آهي.
واضح رهي ته پي سي بي عاقب جاويد کي چيمپيئنز ٽرافي تائين عبوري هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو هو، پوءِ کيس نيوزيلينڊ دوري لاءِ به ذميواريون ڏنيون ويون هيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عاقب جاويد هاڻ هيڊ ڪوچ لاءِ دلچسپي نٿو رکي، سندس دلچسپي هاءِ پرفارمنس ڊائريڪٽر لاءِ آهي.
پي سي بي هاءِ پرفارمنس ڊائريڪٽر لاءِ به اشتهار جاري ڪيو آهي، نديم خان جي استعيفيٰ کانپوءِ اهو عهدو خالي هو.