ٽِڪ ٽاڪ ۾ ” فٽ نوٽس “فيچر متعارف، ڪم ڪيئن ڪندو؟

نيويارڪ : مشهور وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ پنهنجي پليٽفارم تي ”ڪميونٽي نوٽس“ نالي نئين فيچر جو اعلان ڪري ڇڏيو، جيڪو اڳ ۾ ٽوئيٽر (ايڪس) تي متعارف ڪرايل ”فٽ نوٽس“ جهڙو آهي.ٽڪ ٽاڪ موجب، هي فيچر واهپيدارن کي وڊيوز سان لاڳاپيل اهم ۽ وضاحتي ڄاڻ شامل ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪندو، جنهن سان معلومات جي تصديق ۽ پس منظر کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي.ڪمپني ٻڌايو ته في الحال هي فيچر آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي، جتي واهپيدار فٽ نوٽس ڪنٽريبيوٽر ٿيڻ لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا.ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪرڻ جو عرصو گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا هجڻ گهرجي، عمر 18 سالن يا ان کان وڌيڪ هجڻ گهرجي ۽ گذريل 6 مهينن دوران ڪميونٽي گائيڊلائنز جي ڪا به ڀڃڪڙي نه ڪئي هجي. ٽڪ ٽاڪ موجب، فٽ نوٽس هڪ اوپن سورس رينڪنگ سسٽم تي ٻڌل آهي، جنهن جو مقصد صارفين جي حصي واري مواد کي منظم ۽ معتبر بڻائڻ آهي. اهڙو ئي فيچر ٽوئيٽر طرفان 2021ع ۾ ”برڊ واچ“ نالي سان شروع ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد آن لائين ورغلائيندڙ ڪندڙ مواد جي نشاندهي ۽ تدارڪ هو.ٽڪ ٽاڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور هي فيچر آمريڪا ۾ مختصر وڊيوز لاءِ آزمائشي بنياد تي شروع ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ايندڙ مهينن ۾ ان کي عالمي سطح تي عام صارفين تائين وڌايو ويندو.

Introducing the "Fit Notes" feature in Tik Tok