انٽر بينڪ ۾ ڊالر 280 رپيا 85 پئسا جو ٿي ويو

ڪراچي : ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن اڄ انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 13 پئسا واڌ ٿي آهي.انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 13 پئسا مهانگو ٿي 280 رپيا 85 پئسا تي پهچي ويو.انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي ڊالر جي قيمت 280 رپيا 72 پئسا هئي.