ڪراچي: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شديد مندي بعد هنگامي طور ڪاروبار معطل ڪيو ويو آهي. سومر تي هڪ ڏينهن ۾ 8687.69 پوائنٽ ڪري پئي ۽ 11103.98 تي پهچي وئي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران دنيا جي 100 کان وڌيڪ ملڪن تي ٽيرف لاڳو ڪيو ويو هو جنهن بعد گذريل هفتي کان دنيا ڀر جي اسٽاڪ مارڪيٽس ۾ لاٿ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ آمريڪا سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ کربين ڊالر سيڙپڪارن جا ٻڏي ويا آهن. سعودي عرب ۾ گذريل ڏينهن 500 ارب ريال ٻڏي ويا هئا. گذريل هفتي پاڪستان ۾ ڪجهه بهتري هئي پر سومر تي اسٽاڪ مارڪيٽ 1700 پوائنٽ جي گهٽتائي سان شروع ٿيو ۽ انڊيڪس لڳاتار ڪرندي رهي. رول بڪ مطابق هڪ ڏينهن ۾ 5 سيڪڙو لاٿ يا واڌ جي صورت ۾ ڪاروبار عارضي طور معطل ڪيو ويندو آهي. سومر تي پاڪستان استاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ ڪل 431 ڪمپنين مان 380 ڪمپنين جا شيئر زوال پذير رهيا، 10 ڪمپنين جي اگهه ۾ ڪا تبديلي نه ٿي ۽ 41 ڪمپنين جي شيئرز م واڌ رڪارد ٿي ته منجهند 11.58.45 وڳي هنگامي طور تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار معطل ڪيو ويو. رولز موجب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ وري 01.03.45 وڳي ڪاروبار بحال ٿيندو. هڪ وڳي بعد مارڪيٽ ٻيهر کلي ته اڃا وڌيڪ مندي جو شڪار ٿي ۽ بعد ۾ ڪريڪشن آئي.