ملڪ دهشتگردي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، پي ٽي آءِ مفادن جي سياست پئي ڪري: خواجه آصف

اسلام آباد: قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي اعلان تي دفاع واري وزير خواجه آصف تحريڪ انصاف جي مٿان سخت تنقيد ڪئي آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ(ايڪس) تي خواجه آصف لکيو ته پي ٽي آءِ اڄ انهي ڳالهه کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته عمران خان پهرين ۽ آخري انهن جي ترجيح آهي، ملڪ جي سلامتي ۽ امن امان پي ٽي آءِ جي لاءِ اهميت نٿو رکي. هن لکيو ته خان نه ته پاڪستان به نه انهن جو نصب العين آهي.

دفاع واري وزير چيو ته ملڪ هن وقت دهشتگردي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي مفادن جي سياست ڪري رهي آهي انهي کان وڌيڪ ملڪ دشمني ٻئي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ تي مشروط ڪئي هئي. سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهيون ڪندي شيخ وقاص اڪرم چيو هو ته سمورن ميمبرن انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ انهي وقت تائين سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندي جيستائين پارٽي جي اڳواڻن کي پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان سان ملاقات جي اجازت نٿي ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني چيئرمين سان ملاقات ڪرائي ويندي ته پي ٽي اجلاس ۾ ضرور شريڪ ٿيندي.

The country is burning in the fire of terrorism