وزيراعظم ۽ آرمي چيف سميت اهم سياسي ۽ عسڪري قيادت قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ پهچي وئي

اسلام آباد: قومي سلامتي جي صورتحال تي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت ٻيا اڳواڻ پارليامينٽ هائوس پهچي ويا، عسڪري قيادت طرفان بريفنگ ڏني ويندي.

اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهچندڙن ۾ وزيراعظم، آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ايم او، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا شامل آهن

تحريڪ انصاف جا ميمبر اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيا پر ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊا پور اجلاس ۾ پنهنجي صوبي جي نمائندگي ڪئي آهي. جڏهن ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوز ۽ بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي به اجلاس ۾ شريڪ آهن. گورنر بلوچستان ۽ گورنر ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان جو وڏو وزير ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سميت چئني صوبن جا آءِ جي پوليس به قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ آهن.

پيپلز پارٽي جا 18 پارليامينٽ ميمبر بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ اجلاس ۾ شريڪ آهن ۽ ايم ڪيو ايم  جا 4 پارليامينٽ ميمبر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته جي يو آءِ(ف) جي وفد مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل کي به گهرايو ويو هو پر هن شرڪت کان انڪار ڪيو.

قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ان ڪيمره منعقد ٿيندو جنهن ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي. اجلاس ۾ عسڪري قيادت، پارلياماني ڪميٽي کي ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال کان آگاهه ڪندي.

قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي هال ۾ منعقد ٿيندو. ترجمان موجب اجلاس ۾ پارليامينٽ ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ ۽ انهن جا نامزد ڪيل نمائنده شرڪت ڪندا. انهي کان علاوه لاڳاپيل ميمبر به انهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائس تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو هو.

Important political and military leadershipincluding the Prime Minister and the Army Chief